ڪورونا جو نئون قسم سٺ ملڪن تائين ڦهلجي ويو:صحت جو عالمي ادارو

جنيوا: تازو برطانيا ۾ سامهون ايندڙ ڪورونا جو نئون قسم 60 ملڪن تائين ڦهلجي ويو آهي.
عالمي خابرو اداري موجب برطانيا ۾ دريافت ٿيل ڪورونا جو نئون قسم هاڻ پوري دنيا جي 60 ملڪن تائين ڦهلجي ويو آهي جڏهن ته ڏکڻ آفريقا ۾ سامهون ايندڙ نئون قسم 23 ملڪن تائين ڦهليو آهي.
ان حوالي سان صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته هڪ هفتو اڳ اهو 50 ملڪن تائين هو پر پوءِ 10 ملڪن جو اصافو ٿيو آهي.
صحت جي عالمي ادري پاران وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڏکڻ آفريقا ۾ دريافت ٿيندڙ نئون قسم به تيزيءَ سان ٻين ملڪن ۾ ڦهلجي رهيو آهي ۽ اهي ٻئي قسم اڳ ظاهر ٿيل وائرس جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان ڦهلجي رهيا آهن.