اسپين جي شهر ميڊرڊ ۾ ڌماڪو

ميڊرڊ: اسپين جي شهر ميڊرڊ ۾ هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو آهي.
ميڊرڊ جي ميئر موجب ڌماڪي ۾ ٻه ڄڻا مارجڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته ڌماڪو امڪاني طور گئس ليڪيج سان ٿيو.
سندس چوڻ هو ته ڌماڪو هڪ عمارت اندر ٿيو آهي ۽ ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
رپورٽن موجب ڌماڪي جي شدت ايتري هئي جو عمارت جون ڪيتريون ئي ماڙون تباهه ٿي ويون.