طبي ماهرن تَريل کاڌا کائيندڙن کي خبردار ڪري ڇڏيو

بيجنگ : تَريل کاڌا کائڻ جو ته سڀ ڪو شوقين هوندو آهي پر سائنسندانن نئين تحقيق ۾ انهن جو اهڙو نقصان ٻڌائي ڇڏيو آهي جو تَريل کاڌا کائڻ جا شوقين انهن کي هٿ لائڻ به پسند نه ڪندا.
چين جي شين زن يونيورسٽي جا سائنسدان هڪ تحقيق کانپوءِ ان نتيجي تي پهتا ته جيڪي ماڻهو تريل کاڌا وڌيڪ کائيندا آهن، انهن ۾ دل جي دوري جو خطرو 37 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي.
طبي ماهرن موجب انهن ماڻهن ۾ اسٽروڪ ۽ دل جي ٻين بيمارين جو خطرو 22 کان 28 سيڪڙو تائين وڌيڪ هوندو آهي.
10 لک کان وڌيڪ ماڻهن تي ڪيل ان تحقيق جي نتيجن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته تريل کاڌن ۽ دل جي دوري ۾ لاڳاپي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هفتي ۾ رڳو 114 گرام واڌو تريل شيون کائڻ سان دل جي دوري جو خطرو 12 سيڪڙو وڌي ويندو آهي.
طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته تريل شين ۾ خطرناڪ ٽرانس فيٽي ايسڊ ۽ لوڻياٺ جا جزا گهڻا هوندا آهن، گڏوگڏ انهن ۾ ڊائٽري فيٽ به وڌيڪ هوندي آهي.
تريل کاڌن ۾ اهڙا ڪيترائي ٻيا به جُزا آهن، جيڪي دل جي بيمارين جي خطري ۾ واڌ ڪندا آهن.