مديجي ۾ موبائيل فون ڦر مامري تان مارجي ويل 5 ڄڻن جي پوليس پهري ۾ تدفين، ڌرڻو

مدئجي: مديجي ۾ موبائيل فون ڦر مامري تان جوڻيجا ۽ دل برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي تان مارجي ويل 5 ڄڻن جي پوليس جي پهري هيٺ تدفين، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، ڌريون مورچا بند هئڻ سبب امروٽ واري علائقي ۾ بدستور ڏهڪاءُ پکڙيل، گذريل ڏينهن جهيڙي ۾ جوڻيجا برادري جا 3 ۽ دل ڌُر جا 2 نوجوان مارجي ويا هئا، 5 ڄڻن جي قتل بعد پوليس جون ڳوٺ مٺل جوڻيجو ۽ ٻين علائقن ۾ ڪارروايون، ڳوٺاڻن پاران پوليس تي 5 عورتون کنڀي کڻي وڃڻ جو الزام: دل برادري جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هنيوو يو، پوليس عملدارن جي ڳالهين بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.