يوٽيلٽي اسٽورز تي به ڪوڪنگ آئل جي اگهن ۾ واڌ

اسلام آباد: يوٽيلٽي اسٽروز تي مختلف برانڊز جي گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل جي اگهن ۾ به واڌ ٿي وئي آهي.
يوٽيلٽي اسٽورز تي گيهه 22 رپيا في ڪلو تائين مهانگو ڪيو ويو آهي ۽ ڪوڪنگ آئل جي اگهن ۾ به 27 رپيا في لٽر واڌ ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل مهانگو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ سان گڏوگڏ اگهن ۾ واڌ به فوري طور لاڳو ڪئي وئي آهي.