مدئجي ۾ چورن سان مزاحمت تي عورت قتل، لاش رکي ڌرڻو

مدئجي: عيد گاهه پاڙي مان رات دير سان اڻڄاتل چورن سان مزاحمت دوران ڳوليون لڳڻ سبب مارجي ويل پيرسن عورت بيگم لاشاري جو لاش وارث مين سکر _لاڙڪاڻو روڊ جندوديرو پل تي رکي ڌرڻو هنيو. روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب ٻنهي طرفن کان ٽريفڪ جام ٿي وئي. پيرسن عورت جي وارثن جو چوڻ آهي ته چورن جو شهر ۾ آزار وڌي وڃڻ باوجود پوليس ڪکُ ڀڃي ٻيڙو ناهي ڪيو. هنن سنڌ سرڪار توڙي آءِ جي سنڌ کان بدامني جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو