شهباز شريف ۽ محمد علي دراني جي ملاقات جا تفصيل سامهون اچي ويا

لاهور: قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ فنڪشنل ليگ اڳواڻ محمد علي دراني جي جيل ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن موجب محمد علي دراني پير پاڳاري کي 2 نقاطي پيغام پهچايو. ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد علي دراني پاران لانگ مارچ ۽ استعيفائن جي آپشن کي روڪڻ جو پيغام هو، شهباز شريف پير پاڳاري ۽ محمد علي دراني جي مفاهمتي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. شهباز شريف چيو ته اڳ به کيس پيغام مليا پر تبديلي جا مثبت اثر نظر نه آيا، جيل ۾ آهيان، ڪجهه وقت ڏنو وڃي ته جيئن اوهان جو پيغام اپوزيشن پارٽين تائين پهچايان، حتمي فيصلو پي ڊي ايم ڪندي.