برطانيه ۾ سامهون ايندڙ ڪورونا وائرس جو نئين قسم آمريڪا پهچڻ جو امڪان

لنڊن: برطانيه ۾ سامهون ايندڙ ڪورونا وائرس جو نئين خطرناڪ قسم آمريڪا پهچڻ جو امڪان آهي.آمريڪا جي سينئر فارڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينٽيشن امڪان ظاهر ڪيو آهي ته برطانيه ۾ سامهون ايندڙ ڪورونا جي نئين قسم آمريڪا پهچڻ جو امڪان آهي.ياد رهي ته آمريڪا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب 3 هزار 500 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته ڪورونا وائرس جا 2 لک نوان ڪيس به سامهون آيا آهن.ٻئي طرف برطانيه ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 691 فوتگيون ٿيون آهن. جڏهن ته ڪورونا جا 37 هزار جي ويجهو نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.