فرانس ۾ هٿياربند شخص 3 پوليس اهلڪارن کي ماري وڌو

پئرس : فرانس ۾ هڪ هٿياربند جي فائرنگ ۾ 3 پوليس اهلڪار مارجي ويا.
اهو واقعو وچ فرانس جي علائقي اوورنجي روهن آلپ جي هڪ ڏورانهن ڳوٺ سان يوسٽ ۾ پيش آيو ۽ نشانو بڻيل پوليس اهلڪار گهريلو تشدد جو شڪار هڪ عورت جي مدد لاءِ سڏ تي اتي پهتا هئا.
فرانسيسي گهرو وزير جو چوڻ هو ته شڪي جوابدار به مُئل حالت ۾ هٿ آيو آهي.
هوڏانهن فرانسيسي صدر پوليس سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي مارجي ويل اهلڪارن کي ملڪي هيرو قرار ڏنو آهي.