اسرائيل جي پهرين اڏام مسلم آفريقي ملڪ مراڪش پهچي وئي

تل ابيب: اعليٰ آمريڪي ۽ اسرائيلي عملدارن کي کڻي تل ابيب کان پهرين اڏام مسلم آفريقي ملڪ مراڪش پهچي وئي.
عالمي خابرو اداري موجب اسرائيل جي قومي سلامتي جي مشير مير بن شباب ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊٽرمپ جي وچ اوڀر بابت معاملن جي مشير جيرڊ ڪشنر جي قيادت ۾ ٻنهي ملڪن جي اهم عملدارن تي مشتمل گڏيل وفد تل ابيب کان مراڪش پهچي ويو جتي هو ملڪ جي شاهه محمد سان ملاقات ڪندا.
مسلم ملڪ مراڪش پاران آمريڪي ٽياڪڙي جي نتيجي ۾ 10 ڊسمبر تي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ کانپوءِ هيءَ اسرائيل جي پهرين اڏام آهي، ان دوري جو مقصد ايو ايشن، سياحت، صحت، پاڻي زراعت ۽ ٻين اهم شعبن ۾ معاهدن کي آخري شڪل ڏيڻ آهي.
آمريڪي صدر جي مشير وڃڻ کان پهريان ميڊيا سان ڳالهائيندي مراڪش جي دوري کي خطي ۾ امن جي قيام ۽ گڏيل رواداري لاءِ اهم قرار ڏنو