آمريڪا ۾ برفاني طوفان سبب 7 ڄڻا فوت

نيويارڪ: آمريڪا جي اتر اوڀر حصي ۾طاقتور برف جي طوفان سبب 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، جتي پنسلوانيا ۽ نيويارڪ ۾ ريڪارڊ ٽوڙ برف باري ۽ 6 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا.
نيويارڪ جي اتر حصي ۾ 3 فٽ (90 سينٽي ميٽر) برف باري گذريل سال ٿيل برفباري جي برابر آهي.
اختيارين موجب پنسلوانيا ۾ 40 انچ (102 سينٽي ميٽر) برف باري ٿي ۽ وليم اسپورٽ ريجنل ايئرپورٽ ۾ گذريل ريڪارڊ ٽٽي ويو جتي 24.7 انچ برف باري ٿي.
برفاني طوفان جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي پيون جڏهن ته 14 رياستن ۾ وارننگ جاري ڪندي ماڻهن کي انتهائي ضرورت کان سواءِ گهرن کان ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.