پي ڊي ايم جي گاڏي سان حادثو ٿيڻ يقيني ڳالهه آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد: سائنس ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پي ڊي ايم جي گاڏي سان حادثو ٿيڻ يقيني ڳالهه آهي.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو آهي ته پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اسٽيئرنگ ڪنهن هڪ وٽ، انجڻ ڪنهن ٻئي وٽ ۽ بريڪ تي اڃان ٽئين جا پير پيل آهن.وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڊرائيور پختو ناهي ۽ لنڊن کان پي ڊي ايم جو گيئر هڻڻ وارن جي هينڊ بريڪ ڪراچي وارا ڇڪيندا آهن تنهن ڪري پي ڊي ايم جي گاڏي سان حادثو ٿيڻ يقيني ڳالهه آهي.