افغانستان جي صوبي ننگرهار ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ صحافي عورت ملالي ميوند ڊرائيور سميت قتل

ڪراچي : افغانستان جي صوبي ننگرهار ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ صحافي عورت ملالي ميوند ڊرائيور سميت قتل ٿي وئي آهي، ننگرهار صوبي جي گورنر جي  ترجمان صحافي عورت جي  قتل جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، سندس چوڻ آهي ته ننگرهار ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري صحافي عورت ملالي ميوند کي سندس ڊرائيور سوڌو قتل ڪيو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.