دادو ۾ هرڻي شڪار وارو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ تي 4 جوابدار گرفتار

دادو: دادو ۾ هرڻي شڪار واري ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيندي ئي پير آف راڻيپور جا ٻئي پُٽ فرار، ٻه ڄڻا ٻيا به فرار ٿي ويا، مقامي عدالت ۾ موجود پوليس اهلڪارن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ 4 جوابدارن کي سوگهو ڪري ورتو، مقامي عدالت پير آف راڻيپور جي ٻن پُٽن سوڌو 8 ڄڻن جي ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻيلي کاتي جون اختيارين هرڻي جو ٻچو هٿ ڪرڻ لاءِ راڄوڻي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون.