ملتان ۾ ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي: 7 واپاري مرڪز ۽2 شادي هال سيل

ملتان: ملتان ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ تي 7 واپاري مرڪز ۽ 2 شادي هال سيل ڪيا ويا آهن

ملتان ۾ ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي وهاڙي چوڪ، جنرل بس اسٽينڊ، شاهه رڪن عالم، گلشن مارڪيٽ ۽ چوڪ ڪمهاران والا ۾ پرائس ميجسٽريٽ طارق ولي ۽ نعمان عابد ڪريڪ ڊائون ڪيو.

ڪريڪ ڊائون دوران ميڊيڪل اسٽور سميت 7 واپاري مرڪز سيل ڪيا ويا آهن جڏهن ته پيران غائب روڊ تي2  شادي هالز به سيل ڪيا ويا آهن.

واضح رهي ته ڪورونا جي ٻئي لهر جي دوران پاڪستان ۾ ڪيسن جي انگ ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. جنهن سبب وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان عوام کي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.