ڪورونا وائرس کي سيڪنڊن ۾ تباهه ڪندڙ مائوٿ واش

لنڊن: برطانوي سائنسدانن چيو آهي ته هنن جي ملڪ ۾ ٺهندڙ هڪ مائوٿ واش ”ڊينٽائل“ جو ڦودني (منٽ) ۽ لونگ جي وزيزن سان بازار ۾ موجود آهي ۽ ڏاڍو موثر انداز ۾ ڪورونا وائرس کي ختم ڪري سگهي ٿو.
ڪارڊف يونيورسٽي جي ماهرن چيو آهي ته ڊينٽائل ۾ هڪ اهم ڪيميل ”سيٽل پائريڊينيئم ڪلورائيڊ“ آهي. جيڪڏهن ڪنهن مائوٿ واش ۾ ان ڪلورائيڊ جي 0.07 مقدار موجود هجي ته اُهو ڪورونا وائرس جو خاتمو ڪري سگهي ٿو. هاڻ ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته ڊينٽائل سان غرارا ڪرڻ سان رڳو 30 سيڪنڊن ۾ ڪورونا وائرس جو خاتمو ٿي ويندو.
ان جو تجربو گذريل هفتي هڪ تحقيقي رسالي ۾ به شايع ٿي چڪو آهي. هي مائوٿ واش ڪورونا جي مريضن تي آزمايو ويو ته ان جا سٺا نتيجا سامهون آيا. هي آزمائش ڪارڊيف ۾ موجود يونيورسٽي هاسٽل آف ويلز ۾ ڪئي وئي آهي. ان تجربي ۾ مريضن کي ڪيترن ئي قسمن جا مائوٿ واش ڪرايا ويا ۽ ان کان پوءِ انهن جي ٿُڪ جو معائنو ڪيو ويو پر انهن تجربن جي وڌيڪ تفصيل اڳئين سال شايع ڪئي ويندي.