سنڌ ۾ گذريل 24ڪلاڪن دوران1127نوان ڪيس ظاهر ۽ 4 مريض فوت

ڪراچي : سنڌ ۾ گذريل 24ڪلاڪن دوران1127نوان ڪيس ظاهر ۽ چارمريض فوت ٿي ويا، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته اڄ وڌيڪ 404 مريض صحتياب ٿي ويا، هن وقت 11هزار 739مريض علاج هيٺ آهن، 11هزار213مريض گهرن ۽5مريض آئسوليشن سينٽرز ۾ علاج هيٺ آهن، مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڪورونا سبب فوت ٿي ويلمريضن جو انگ 2764ٿي ويو آهي، ڪورونا متاثر 445 مريضنجي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.