جلد اختيارن جي مجلد اختيارن جي منتقلي نه ٿي ته ملڪ ۾ ڪورونا وگهي فوتگين ۾ اضافو ٿيندو؛ بائيڊن

واشنگٽن : آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن چيو آهي ته جيڪڏهن جلد اختيارن جي منتقلي نه ٿي ته ملڪ ۾ ڪورونا وگهي فوتگين ۾ اضافو ٿيندو، نئين امريڪي صدر اختيارن جي منتقلي ۾ دير وارن حربن کي ملڪ ڪمزور ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو آهي. تازو امريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل ڊيموڪريٽڪ جي اميدوار جوبائيڊن خطاب ڪندي چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ريپبليڪنز اختيارن جي منتقلي ۾ رنڊڪ بڻيل آهن،ٽرمپ پاران ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اختيارن جي منتقلي ۾ دير ڪئي وڃي. جوبائيڊن خدشو ظاهر ڪندي چيو ته جيڪڏهن اختيارن جي منتقلي ۾ وڌيڪ دير ٿي ته ڪورونا سبب وڌيڪ فوتگيون ٿي سگهن ٿيون،تنهن ڪري جلد کان جلد اختيار منتقل ٿيڻ گهرجن. نئين امريڪي صدر جوبائيڊن جو ڪورونا ويڪسين جي تياري بابت چوڻ هو ته جيترو جلدي اختيار ملندا اوترو جلد ڪورونا ويڪسين تي ڪم شروع ٿيندو سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اختيارن جي منتقلي کان انڪار ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ برابر آهي.