ٽنڊومحمدخان ۾ ڪورونا وائرس ۾ تيزي، ست نوان ڪيس ظاهر

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا وائرس جو مرض تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، صحت کاتي جي ٽيمن پاران ورتل ٽيسٽن ۾ 7 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن جنهن ۾ ڳوٺ ڀليڏنو سٺيو جي ايليمينٽري اسڪول جو هڪ ٽيچر پڻ شامل آهي جڏهن ته 6 عام شهري شامل آھن جن جون ٽيسٽون پازيٽيو اچي ويون آهن.
ڪورونا وائرس جي ٻين لهر ۾ ضلعي جي مريضن جو انگ 45 ٿي ويو آهي، ڪرونا جي مريضن کي پنهنجي گھرن اندر ئي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي.