افغانستان ۾ پاڪستاني قونصل خاني جي ٻاهران ڀاڄ، 15 ڄڻا فوت

جلال آباد: افغان شهر جلال آباد ۾ پاڪستان قونصل خاني جي ٻاهران ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيل هجوم ۾ ڀاڄ پوڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 15 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اڄ صبح جلال آباد ۾ پاڪستاني قونصل خاني جي ٻاهران ويزا ٽوڪن حاصل ڪرڻ جي لاءِ لڳ ڀڳ 3000 افغاني گڏ هئا جنهن ۾ عورتون ۽ بزرگ شامل هئا.
قونصل خاني جي دري کلندي ئي ٽوڪن حاصل ڪرڻ جي خواهشمندن جو اِهو هجوم بي قابو ٿي ويو ۽ ڀاڄ پوڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 ڄڻا پيرن هيٺان لتاڙجي فوت ٿي ويا.
هلڪ مقامي افغان عهديدار خابرو ادارن کي ٻڌايو ته فوت ٿيل عورتن کان سواءِ بزرگ شهرين جو وڏو انگ آهي.