دنيا ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري ، هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 4 هزار 712 انساني جانيون ضايع

ڪراچي : دنيا ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري آهن، هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 4 هزار 712 انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن. هڪ ڏينهن دوران سموري دنيا ۾ 2 لک 17 هزار 9 سئو نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ وڌي 2 ڪروڙ 58 لک 50هزار ٿي ويو آهي. برازيل ۾ هڪ ڏينهن دوران سڀ کان وڌيڪ هڪ هزار 81 فوتگيون ٿيون جڏهن ته 40 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. ڀارت ۾ هڪ هزار 25 ڪورونا مريضن دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته 78 هزار 169 ڀارتي شهرين ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي. آمريڪا ۾ به هڪ ڏينهن دوران 946 فوتگيون ٿيون، جنهن بعد ڪورونا وگهي فوت ٿيل آمريڪي شهرين جو انگ وڌي هڪ لک 88 هزار 681 ٿي ويو آهي. ميڪسيڪو ۾ 256،روس ۾ 123، ڏکڻ آفريڪا ۾ 114، ايران ۾ 101،انڊونيشيا ۾ 88، عراق ۾ 81، ارجنٽينا ۾ 70،ترڪي ۾ 47، بنگلاديش ۾ 35، سعودي عرب ۾ 32، فرانس ۾ 26 ۽ جرمني ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا. عالمي وبا سبب هيل تائين فوتين جو انگ 8 لک 59 هزار 136 ٿي ويو آهي،جڏهن ته هڪ ڪروڙ 80 لک 77 هزار 172 مريض ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.