چين ۾ 2 سامونڊي جهاز ٽڪرائجي ويا، هڪ جهاز ٻڏي ويو، 14 ماڻهو گم

بيجنگ: چين ۾ تيل کڻي ويندڙ سامونڊي جهاز مال ڍوئيندڙ (ڪارگو) جهاز سان تڪارئجي ويو، حادثي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ۽ 14 ڄڻا گم ٿي ويا.

چيني ميڊيا موجب حادثو شنگهائي جي ساحل ويجهو ٿيو جتي هڪ ڪارگوشپ سان تڪرائجڻ بعد تيل کڻي ويندڙ جهاز ۾ باهه لڳي وئي.

ٽڪراءُ ۾ ڪارگو جهاز کي به شديد نقصان پهتو ۽ اهو اتي ٻڏي ويو.

حادثو ٿيندي ئي ريسڪيو ٽيم موقعي تي پهچي وئي ۽ امدادي ڪاررواين ۾ 3 ڄڻن کي بچايو ويو جڏهن ته حادثي ۾ گم ٿيلن جي ڳولا جاري آهي.

عملدارن موجب تيل ڍوئيندڙ جهاز ۾ 3 هزار ٽن کان وڌيڪ تيل موجود هو ۽ هن جو چوڻ هو ته فوري طور تي حادثي جا سبب معلوم نه ٿي سگهيا آهن باقي ان حوالي سان مڪمل جاچ ڪئي ويندي.