سنڌ حڪومت نائين ڪلاس تائين اسڪول کولڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ حڪومت نائين ڪلاس تائين اسڪول کولڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.

عذرا پيچوهو ان حوالي سان چيو آهي ته ڪورونا کان ڇوٽڪارو حاصل  ڪرڻ کان سواءِ تڪڙ ۾ فيصلا نه ڪيا وڃن.

صرف ميٽرڪ، انٽر ۽    ڪاليجن کي ايس او پيز تحت کولي سگهجي ٿو.  صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته ننڍن ٻارن جي لاپرواهي سبب ڪورونا سڄي معاشري ۾ پکڙجي سگهي ٿو.

هن چيو ته 14 سالن کان  وڏن شاگردن کي سمجهائي سگهجي ٿو. ننڍن ٻارن کي سوشلائز ڪرڻ کان ڪيئن روڪي سگهون ٿا.؟ ننڍا ٻار پنهنجي نڪ، منهن ۽ اکين کي هٿ لڳائيندا رهندا آهن. اهڙي طرح ٻار پنهنجي گهر وارن کي به متاثر ڪري سگهن ٿا.