هڪ شخص جي دهشتگردي جي سزا پوري علائقي کي نٿي ڏئي سگهجي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته هڪ شخص جي دهشتگردي جي سزا پوري علائقي کي نٿي ڏئي سگهجي. فوج کي انهي ۾ ڪنهن به  قسم جي دلچسپي ناهي ته دهشتگردي جي نالي تي معصوم عوام کان حياتيون کسي.

ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر شاگردن سان خصوصي ملاقات ڪئي جنهن دوران هن بلوچستان سان تعلق رکندڙ شاگردن جي سوالن جا جواب ڏنا. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسان جي ذهنن ۾ اهو وڌو پيو وڃي ته بلوچستان جي عوام ۽ نوجوانن ۾ پاڪستان لاءِ ڪجهه پنپ رهي آهي، پر بلوچستان جي عوام پاڪستان ۽ صوبي جي وچ ۾ تعلق کي چڱي ريت سمجهون ٿا.

هن چيو ته ميجر محمد انور ڪاڪڙ شهيد اسان جو شاندار آفيسر  ۽ هن ڌرتي جو عظيم پٽ هو، ميجر محمد انور شهيد پهريان به گوادر حملي ۾ ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو هو پاڪستان کي آزاد رکڻ لاءِ هر روز فوجي آفيسر، جوان ۽ شهري قربانيون ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته ڪنهن به علائقي ۾ آپريشن انهي وقت تائين ڪامياب نه ٿيندو آهي جيستائين عوام پاڻ دهشتگردن جي نشاندهي ڪري،  ائين ناهي ته فوج ڪنهن علائقي کي خالي ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪري ڇو ته جڏهن فوج واپس ويندي ته دهشتگرد ٻيهر اچي ويندا.

ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته اسان کي وڏي سمجهداري سان سڀ ڪجهه ڪرڻو پوندو انهي لاءِ انهي کي انٽيليجنس بسڊ آپريشن جو نالو ڏنو ويندو آهي. فوج جي انهي ۾ ڪابه دلچسپي ناهي ته دهشتگردي جي نالي تي  معصوم عوام کان حياتيون کسي.

هن چيو ته اسان کي بلوچستان جي عوام ۽ انتظاميه سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، دهشتگرد، انهن جي سهولتڪارن ۽ منصوبه تيار ڪندڙن کي به سامهون آڻڻو آهي، هڪ شخص جي دهشتگردي جي سزا پوري علائقي يا پوري ڳوٺ کي نٿي ڏئي سگهجي، جيڪڏهن ڪو شهري دهشتگردن کي پناهه ڏئي ٿو يا گهر ۾ بارودي مواد رکي ٿو ته انهي جا کيس سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف عوام کي پاڻ بيهڻو پوندو، عوام هاڻ سجاڳ ٿي رهي آهي، بلوچ عوام سمجهدار ۽ وڏي سوچ رکندڙ آهي، بلوچستان جي عوام به دهشتگردي کان تنگ اچي چڪي آهي، هي هاڻ پاڻ ٻڌائي رهيا آهن ته هتي دهشتگرد ۽ انهن جا سهولتڪار موجود آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته ڪيمبرج يونيورسٽي مان بلوچستان جو مشهور سائنسدان صمد يار جنگ بليده اسڪول مان تعليم حاصل ڪندڙ آهي. شاهه زيب رند به بلوچستان سان تعلق رکي ٿو اهو اڄ پنهنجي تقدير جو مالڪ آهي. بلوچستان جون ٻارڙيون هن وقت ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنر مقرر آهن. سوين مثالون سامهون آهن جنهن ۾ پڙهيل لکيل بلوچ پنهنجي علائقي ۽ پنهنجي تقدير جا مالڪ بڻجي چڪا آهن.

هن چيو ته پاڪستان سموري لساني، علاقائي شين کان هٽي ڪري ڪلمي جي بنياد تي قائم ٿيو، نبي پاڪ صه فرمايو هو ته ڪنهن عجمي کي عربي، ڪنهن عربي کي عجمي، ڪنهن اڇي رنگ کي ڪاري رنگ ۽ ڪنهن ڪاري رنگ کي اڇي رنگ تي اوليت نه آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ سمورا بلوچ نه آهن، انهن ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ پختون به آهن.  جيترا بلوچ بلوچستان ۾ رهندا آهن انهي کان وڌيڪ سنڌ جي قبائلي علائقن ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ رهندا آهن. پاڪستان جو مطلب لاالله الاالله آهي اهو اوهان جي اندر سمائجي چڪو آهي، ڇو ته پاڪستان ڪلمي جي بنياد تي ٺهيو آهي.