پيٽرول جي قيمت برقرار، ڊيزل 12 رپيا سستو

اسلام آباد : حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ترميم ڪئي آهي.ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته ڊيزل جي قيمت ۾ 12.84 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ ڪا به تبديلي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.گاسليٽ جي قيمت ۾ 7.19 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ نئين قيمت 178.27 رپيا ٿي وئي آهي.هلڪي ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 8.20 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ 162.37 رپيا ٿي وئي آهي.ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته ڊيزل جي نئين قيمت 272.99 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت 264.61 رپيا في ليٽر برقرار رهندي.ناڻي واري وزارت موجب، نوان اگهه اڌ رات کان پوءِ لاڳو ٿيندا.

Petrol price unchanged