برطانيا جي اقتصادي پيداوار ۾ رڪارڊ گهٽتائي

لنڊن : هلندڙ سال جي ٻئي ٽن مهينن ۾ برطانيا جي اقتصادي پيداوار ۾ 20 سيڪڙو جي رڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي.
برطانيا جي سرڪاري انگن اکرن موجب اپريل کان جون تائين برطانيا ۾ ڪورونا وبا سبب سخت لاڪ ڊائون رهيو ۽ ان دوران ملڪي معيشت ۾ 20.4 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.
اهڙي رتي دنيا جي ڇهين وڏي اقتصادي طاقت برطانيا هن سال جي ٻئي ٽن مهينن ۾ سخت خساري جو شڪار آهي.
انگن اکرن جي حوالي سان ان کي اقتصادي شرح جي هيل تائين سڀ کان وڏي لاٿ قرار ڏنو پيو وڃي.