سنڌ جو قديمي ماڳ موهن جو دڙو 5 مهينن کانپوءِ عام ماڻهن لاءِ کوليو ويو

ڪراچي: سنڌ جو قديمي ماڳ موهن جو دڙو 5 مهينن کانپوءِ عام ماڻهن لاءِ کوليو ويو، سياحت ۽ ثقافت کاتي طرفان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو، حڪومت پاران پابندي هٽائڻ بعد وڏي انگ ۾ ماڻهو موهن جو دڙو گهمڻ لاءِ پهچي ويا. سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت کاتي طرفان 5 مهينن کانپوءِ سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جو دڙو ۾ عام ماڻهن جي داخلا تي پابندي ختم ڪري ڇڏي. ملڪ ۾ ڪرونا وائرس ۽ لاڪ ڊائون سبب 15 مارچ تي سنڌ حڪومت ٻين قديمي ماڳن ۽ مزارن تي پابندي سان گڏوگڏ موهن جي دڙي ۾ به عام ماڻهن جي داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي. سنڌ حڪومت پاران 5 مهينن کان پوءِ موهن جو دڙو عام ماڻهن جي گهمڻ لاءِ کوليو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.