ٽرمپ صدارتي اليڪشن کان اڳ ڪورونا ويڪسين آڻڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪورونا ويڪسين آمريڪا ۾ نومبر جي مهيني ۾ ٿيندڙ صدارتي اليڪشن کان پهريان آڻڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو.
آمريڪي ريڊيو کي انٽرويو ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا هلندڙ سال جي آخر ۾ نومبر کان اڳ ڪورونا ويڪسين ٺاهي وٺندو، ڪورونا وائرس جي ويڪسين نومبر جي صدارتي چونڊن کان پهريان اچي سگهي ٿي.