ڪراچي ۾ اين ڊي ايم اي ۽ ايف ڊبليو او جي مهم دوران نالن جي صفائي وارو ڪم جاري

ڪراچي:  موسميات کاتي جي اڳڪٿي کان پوءِ ڪراچي ۾ برساتي نالن جي صفائي جو ڪم جاري آهي ۽ وزيراعظم جي حڪم تي اين ڊي ايم اي ۽ ايف ڊبليو او اڄ کان صفائي مهم جو دائرو وڌائيندا.

ڪراچي ۾ هن ڀيري برسات ڪهڙو حال ڪندي اهو سوال هر شهري جي ذهن تي سوار آهي. خميس تي ڪڪر وسندا ۽ برساتن جو سلسلو 3 ڏينهن جاري رهندو. 15 ۽ 24 آگسٽ تي ٻيهر بادل ايندا جنهن سبب برسات جو نئون سلسلو شروع ٿيندو پر نيڪال جو مناسب نظام نه هجڻ سبب شهر ۾ ڪجهه ڪلاڪ جي برسات ئي انتظاميه جي لاءِ چيلنج بڻجندي رهي آهي پر هن ڀيري وزيراعظم جي حڪم تي اين ڊي ايم اي ۽ ايف ڊبليو او ڪراچي ۾ برساتي نالن جي صفائي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

گجر نالي سميت پنج هنڌن تي نالن جي صفائي جي ڪم ۾ تيزي اچي وئي آهي ۽ اڄ کان صفائي مهم جو دائرو وڌايو ويندو. برساتن دوران گجر نالي جي سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ  هنڌن ۾ ناظم آباد، گلبهار، ڪشمير ڪالوني ۽ لياقت آباد شامل آهن جنهن سبب ڪيترائي علائقا متاثر ٿيا آهن. شهر ۾ بلدياتي ادارن ۽ سنڌ حڪومت طرفان به نالن جي صفائي جو ڪم جاري آهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سومر تي ڪراچي ۾ مختلف علائقن جا طوفاني دورا ڪيا ۽ صفائي جي ڪم جو جائزو ورتو. وڏي وزير قيوم آباد، محمود آباد، لياقت آباد ۽ ڪي ڊي اي چورنگي سميت مختلف علائقن جو دورو ڪيو.

صحافين سان ڳالهيون ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ مسئلا وڌيڪ آهن ائين به ناهي ته اسان صفائي تي ڌيان ناهي ڏنو. جيڪڏهن اسان صفائي جو صحيح ڪم ڪيو ته ورلڊ بينڪ کان اسان کي پئسا ملندا.

لياقت آباد ۾ علائقي جي رهواسين سنڌ جي وڏي وزير کي صفائي سٿرائي جي ناقص صورتحال تي شڪايت ڪئي جنهن تي هن ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن جي اختيارين مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.