ڪورونا متاثرن جو انگ هڪ ڪروڙ 85 لکن کان وڌي ويو

دنيا ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيندڙن جو انگ ساڍا 18 ملين (هڪ ڪروڙ 85 لک) کان وڌي ويو.
خابرو اداري روئٽرز جي انگن اکرن موجب هيل تائين 6 لک 87 هزار 259 ماڻهو ان وبائي مرض سبب موت جي منهن ۾ وڃي چڪا آهن.
گذريل سال ڊسمبر ۾ چين کان شروع ٿيندڙ اهو وائرس هيل تائين دنيا جي 210 ملڪن ۽ خطن ۾ پکڙجي چڪو آهي.
ڪورونا سان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آمريڪا ۾ تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 47 لکن جي ويجهو آهي، جڏهن ته اتي هڪ لک 55 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.