ڀارتي گهرو وزير اميت شاهه ڪورونا جو شڪار، اسپتال منتقل

نئين دهلي: ڀارت جو گهرو وزير اميت شاهه موذي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي گهرو وزير اميت شاهه ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي جنهن کان پوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ڪورونا وائرس مان متاثر اميت شاهه جو چوڻ آهي ته منهنجي طبيعت بهتر آهي صرف ڊاڪٽرن جي مشوري تي اسپتال منتقل ٿيو آهيان.ٻئي طرف بي جي پي اتر پرديش جي سربراهه سواتانترا ۽ گورنر تامل ناڊو بنواري لال به ڪورونا مان متاثر ٿي ويا آهن.