سياست اداڪاره ايمن سليم پيپلز پارٽي ۾ شامل

اداڪاره ايمن سليم پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته هوءَ بينظير ڀٽو جي ورثي کان متاثر ٿي پارٽي جو حصو بڻي آهي.
ايمن سليم ٽي وي ڊرامن لاءِ سڃاتي وڃي ٿي ۽ تازن سالن ۾ سياست ۾ ايندڙ شوبز شخصيتن ۾ شامل ٿي وئي آهي.
سوشل ميڊيا تي پارٽي ڪارڪنن سندس آجيان ڪئي جڏهن ته مداحن پڇيو ته ڇا هوءَ سياست سان گڏ اداڪاري به جاري رکندي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/aymen-saleem-joins-ppp/






