شوبز پاڪستاني شارٽ فلم ‘دي لاسٽ گلانس’ آسڪر جي ڊوڙ لاءِ اهل

پاڪستاني شارٽ فلم 'دي لاسٽ گلانس' تصوير سائوٿ ايشين فلم فيسٽيول ۾ ڪاميابي کانپوءِ اڪيڊمي ايوارڊز لاءِ اهليت حاصل ڪري ورتي آهي.
آمريڪي شهر سيئٽل ۾ ٿيندڙ تصوير فيسٽيول آسڪر ڪواليفائنگ فيسٽيول آهي، يعني هتي شارٽ فلم ڪيٽيگري کٽيندڙ فلم آسڪر جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي سگهي ٿي.
هي ڪاميابي انهن پاڪستاني آزاد فلمن جي فهرست ۾ هڪ ٻيو واڌارو آهي جيڪي تازن سالن ۾ بين الاقوامي فيسٽيولن تائين پهتيون آهن.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/the-last-glance-short-film-oscars/






