شوبز ايران ۾ بنا حجاب جي پرفارم ڪرڻ تي گلوڪاره کي 74 ڪوڙن جي سزا، 2 سالن جي پابندي به لڳائي وئي

تهران: ايران ۾ بنا حجاب جي ڪانسرٽ ۾ پرفارم ڪرڻ تي هڪ گلوڪاره کي 74 ڪوڙن جي سزا ڏني وئي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ايراني گلوڪاره پرستواحمدي کي ڪجهه ڏينهن اڳ 47 ڪوڙا هنيا ويا، گلوڪاره جي بينڊ جي ٻين 4 ميمبرن کي به 74-74 ڪوڙا هنيا ويا. ايراني گلوڪاره تي ٻن سالن جي پابندي به لڳائي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب گلوڪاره ۽ انهي جي ٽيم کي اها سزا هڪ اهڙي پرفارمنس تي ڏني وئي جنهن ۾ پرستو احمدي لازمي حجاب کان سواءِ منظر عام تي آئي هئي. رپورٽن موجب گلوڪاره پرستواحمدي ڊسمبر 2024 ۾ هڪ ڪانسرٽ ۾ بنا ٻانهن وارو لباس پاتو هو جنهن تي ايران ۾ انهي کي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو هو.
ياد رهي ته ايران ۾ عورتن جي لاءِ حجاب پائڻ جي لازمي قانون 2022 ۾ وڏي پيماني تي احتجاج جو سبب بڻيا هئا. اهي مظاهرا ايراني ڪرد عورت مهسا اميني جي گرفتاري دوران فوت ٿيڻ کان پوءِ شروع ٿيا هئا جنهن کي مبينه طور تي ڪپڙن جي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو ويو هو.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a7%d9%8a%d8%b1%d8%a7%d9%86-%db%be-%d8%a8%d9%86%d8%a7-%d8%ad%d8%ac%d8%a7%d8%a8-%d8%ac%d9%8a-%d9%be%d8%b1%d9%81%d8%a7%d8%b1%d9%85-%da%aa%d8%b1%da%bb-%d8%aa%d9%8a-%da%af%d9%84%d9%88%da%aa%d8%a7%d8%b1/






