سياست جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سمورو ملڪ جام ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سمورو ملڪ جام ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ هن سموري قوم کان روڊن تي اچڻ ۽ سموري ملڪ جا رستا بلاڪ ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. جي يو آءِ(ف) جي سربراهه چيو ته اسان اڄ سرگودها ۾ جلسي جو اعلان ڪيو هو جيڪو اڃان تائين برقرار آهي پر اطلاعات اهي آهن ته سرگودها ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن، پنڊال تي پوليس جو مڪمل قبضو آهي، اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اسان جي اهم اڳواڻن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته اهڙي سموري صورتحال ۾ اسان جلسي واري هنڌ پهچون يا نه، مان اعلان ڪريان ٿو سمورن صوبن ۽ انهي جي عوام کي چوڻ چاهيان ٿو ته اهي پنهنجي گهرن کان نڪرن، ميدان ۾ نه پر روڊن تي اچن ۽ سمورا رستا بند ڪري ڇڏين، هاءِ ويز روڪي ڇڏين، موٽر ويز روڪي ڇڏين احتجاج ڪن ته اسان کي هڪ جمهوري حق ان ڇو محروم ڪيو پيو وڃي. اسان کي هڪ جلسو ڇو نه پيو ڪرڻ ڏنو وڃي.
هن چيو ته ڇو انهي جلسي کي روڪڻ جي لاءِ ڪارڪنن تي تشدد ڪيو پيو وڃي، انهي سموري صورتحال تي سمورو ملڪ اڄ احتجاج ڪندو، روڊن تي نڪرندو ۽ سمورين شاهراهن کي احتجاج جي طور تي بند ڪري ڇڏيندو.
انهي کان اڳ سرگودها جلسي ۽ جي يو آءِ اڳواڻن جي گرفتارين بابت پنهنجي هڪ بيان ۾ ترجمان اسلم غوري چيو ته قومي اسيمبلي ميمبر مولانا عبدالغفور حيدري، پنجاب جو امير مولانا امجد خان ۽ مرڪزي صدر جي ٽي آءِ ملڪ اويس کي پنجاب پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، حڪومت هوش کان ڪم وٺي انهن کي فوري طور تي آزاد نه ڪيو ته حالتن جي ذميواري پنجاب حڪومت تي هوندي، ڇا ملڪ ۾ مارشل لا لڳي چڪو آهي؟ سياسي جلسن تي پابندي ڇو لڳائي پئي وڃي.
ترجمان اسلم غوري چيو ته مريم بي بي پاڻ ته جلسا جلوس ڪري رهي آهي، ڇا اپوزيشن پارٽين کي جلسن جو حق حاصل نه آهي، آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي جدوجهد ڪرڻ کي اسان جي ڪمزوري سمجهيو پيو وڃي. هائبرڊ نظام جي جمهوريت جو چهرو ظاهر ٿي ويو آهي، مولانا عبدالغفور حيدري قومي اسيمبلي جو ميمبر آهي. ڇا انهن جي گرفتاري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي اجازت سان ڪئي وئي آهي.
جي يو آءِ ترجمان چيو ته حڪومت فوري طور تي گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪري، بنا وارنٽ گرفتاريون هن ملڪ جي جمهوري نظام جي منهن تي چماٽ آهي، مولانا عبدالغفور حيدري جي صحت جي حوالي سان ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال جي ذميواري حڪومت جي مٿان هوندي. جي يو آءِ جي ٻين عهديدارن جي گهرن تي به ڇاپا هنيا پيا وڃن.
جي يو آءِ پنجاب جي جنرل سيڪريٽري نصير احرار چيو ته حڪومت اسان جي گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جلد کان جلد آزاد ڪري، اسان پرامن ٿي ٿوري دير ۾ سرگودها جلسي طرف روانا ٿينداسين، جي ٽي روڊ، موٽر وي ۽ ٻيا رستا بند ڪري عوام کي تنگ ڪيو پيو وڃي، اسان انهي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%ac%d9%8a-%d9%8a%d9%88-%d8%a2%d8%a1%d9%90-%d8%b3%d8%b1%d8%a8%d8%b1%d8%a7%d9%87%d9%87-%d9%85%d9%88%d9%84%d8%a7%d9%86%d8%a7-%d9%81%d8%b6%d9%84-%d8%a7%d9%84%d8%b1%d8%ad%d9%85%d8%a7%d9%86-%d8%b3%d9%85/






