سياست ڪو پارٽي جو اڳواڻ اهو چئي ته مون دٻاءُ ۾ اچي آئيني ترميم تي ووٽ ڏنو، انهي بيان سان هو نااهل به ٿي سگهي ٿو: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته بلاول ڀٽو جي انهي بيان تي ته 27هين ترميم جبري اڪثريت سان ڪئي وئي انهي سان انهي جي ناهلي جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي.
نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته جيڪڏهن هڪ پارٽي جو اڳواڻ اهو چئي ته مون دٻاءُ ۾ اچي آئيني ترميم تي ووٽ ڏنو آهي ته انهي بيان سان انهي جي نااهلي به ٿي سگهي ٿي.
راڻا ثناءُالله چيو ته بلاول ڀٽو 27هين ترميم جي تحت بنجندڙ جوڊيشل ڪميشن جو بينيفشري آهي، 27هين ترميم کان پوءِ جوڊيشل ڪميشن ٺهيو ۽ بلاول ڀٽو به انهي جو ميمبر آهي، بلاول ڀٽو ناراضگي ۾ اڄ اهي ڳالهيون ڪيون آهن، بلاول سنڌ جي ورهاست واري ڳالهه تي ناراض ٿيو آهي، اتي واقعي انهي جي لاءِ هڪ مسئلو آهي، اسان کي شروع کان خبر آهي ته سنڌ جي ورهاست واري ڳالهه تي پيپلز پارٽي جا خدشا آهن.
وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار جو چوڻ هو ته نون صوبن جو بحث اڃان پارليامينٽ ۾ داخل نه ٿيو آهي، پارليامينٽ اها جڳهه آهي جتي فيصلا ٿيڻا آهن ته نوان صوبا بڻجن يا نه. نون صوبن جي بحث ته اڃان ڪابينه ۾ به نه ٿي آهي. جيڪڏهن ريفرنڊم ٿيڻو آهي ته ريفرنڊم جو فيصلو به پارليامينٽ کي ڪرڻو آهي، نون صوبن جو معاملو پارليامينٽ ۾ ايندو ته انهي تي اصل بحث ٿيندي، اتفاق راءِ سان ئي صوبا بڻجندا، ريفرنڊم جي ذريعي عوام جي راءِ وٺي سگهجي ٿي، جيڪڏهن عوام جي راءِ پڇي وڃي ته انهي ۾ ڪوبه حرج نه آهي، عوام جي راءِ سان سڀني کي رهنمائي ملي سگهي ٿي.
هن جو چوڻ هو ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ اسان جون رنجشون هيون، جيڪي بعد ۾ ختم ڪيون ويون انهي ڏينهن به اها ڪاوڙ نه هئي، فيصل ڪريم ڪنڊي به مولانا جي خلاف تقريرون ڪري رهيو آهي، بلاول ڀٽو کي انهي جو به نوٽيس وٺڻ گهرجي، فيصل ڪريم ڪنڊي خيبرپختونخواهه ۾ سموري سياسي قيادت سان پاڻ وڃي مليو آهي پر مولانا سان نه مليو، بلاول ڀٽو جي ڳالهين جو اسان جواب ڏنو انهي جو مطلب اهو ناهي ته ٻئي پارٽيون آمهون سامهون اچي ويون آهن.
انهي موقعي تي تحريڪ انصاف جي بيرسٽر عمير نيازي سوال اٿاريو ته ايتري وڏي ڳالهه هڪ پارٽي جو چيف چئي رهيو آهي ته 27هين ترميم جي ڪهڙي حيثيت رهجي وڃي ٿي.
عمير نيازي جو چوڻ هو ته مخصوص سيٽن بابت ريويو پٽيشن فائل ئي (ن) ليگ، پيپلز پارٽي ۽ اليڪشن ڪميشن ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري سموري نظام جي خرابي جي ڳالهه ڪئي آهي، بلاول چيو ته جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اسان غلط ڪيو، پيپلز پارٽي اها ڳالهه ڪري انهي گناهه کان آزاد نٿي ٿي سگهي، پيپلز پارٽي اها ڳالهه ڪري اڄ شريڪ ماڻهن کي به بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%da%aa%d9%88-%d9%be%d8%a7%d8%b1%d9%bd%d9%8a-%d8%ac%d9%88-%d8%a7%da%b3%d9%88%d8%a7%da%bb-%d8%a7%d9%87%d9%88-%da%86%d8%a6%d9%8a-%d8%aa%d9%87-%d9%85%d9%88%d9%86-%d8%af%d9%bb%d8%a7%d8%a1%d9%8f-%db%be/






