عام ٻار اهي ئي ٻار، ماڻهو جا هجن يا هاٿي جا، ننڍڙي هاٿي جي کيچل واري وڻندڙ ۽ کِل ڏياريندڙ وڊيو وائرل

ٻار ته ٻار ئي هوندا آهن پوءِ اهي ڪنهن انسان جا هجن يا جانور جا، پر تنهن هوندي به انسان جي ٻارن ۽ جانورن جي ٻارن جو مزاج پنهنجو هوندو آهي ڇو ته ڪيترن ئي جانورن جا ننڍا ٻار ماڻهن جي ٻارن ته ڇا پر وڏن کان به وڏا خطرا کڻڻ جي صلاحيت رکندا آهن.
اهڙي ئي قسم جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هڪ روڊ سان ٻه هاٿي گذرندي نظر اچن جن مان هڪ هاٿي وڏو جڏهن ته ٻيو ان هاٿي جو ٻار نظر اچي رهيو آهي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ننڍو هاٿي پنهنجي ماءُ جي پٺيان وڃي رهيو آهي، سندس ماءُ ته سڪون سان روڊ تان بنا ڪنهن پاسي لوڻو هڻندي گذرندي نظر اچي ٿي پر سائين ننڍو هاٿي ٿيو ٻار، انکي بنا کشٽ جي مزو ڪاڏهون اچي.
اتفاق سان سڄو روڊ خالي آهي پر روڊ جي ڀر ۾ مفاصلو ڏسيندڙ پٿر زمين ۾ پوريل آهي، ننڍي هاٿي جي انجي ڀرسان گذرندي جيئن ئي پٿر تي نظر پئي ٿي ته هو پهرون انکي لَٿ وهائي ڪڍي ٿو، جڏهن پٿر ان چرپر نٿو ڪري ته اهو پنهنجي سونڍ سان انکي پڪڙي پاڻ ڏانهن ڇِڪي ۽ زمين مان پَٽي ٿو، جنهن وقت اهو پٿر آئوٽجي پوي ٿو ته هاٿي ماڻهن جي ٻارن وانگر ٿورو پوئتي ٿي پٿر ڏانهن ڀڄندو اچي انکي پنهنجي پُٺ هڻي مراڳي ڪيري پوءِ سڪون سان اڳتي هلڻ شروع ڪري ٿو، وڊيو اتي پوري نٿي ٿئي اهو کشٽي هاٿي وڃي ماءُ جي هڪ پير ۾ بلڪل ائين چمبڙي گهلبو وڃي ٿو جيئن ننڍا ٻار مٽي تي ماءُ پيءُ کي پيرن ۾ چمبڙي ليٽندا آهن.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%bb%d8%a7%d8%b1-%d8%a7%d9%87%d9%8a-%d8%a6%d9%8a-%d9%bb%d8%a7%d8%b1%d8%8c-%d9%85%d8%a7%da%bb%d9%87%d9%88-%d8%ac%d8%a7-%d9%87%d8%ac%d9%86-%d9%8a%d8%a7-%d9%87%d8%a7%d9%bf%d9%8a-%d8%ac%d8%a7%d8%8c/






