Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
عام

وزيراعظم مون کي گهرو وزير محسن نقوي جي خلاف ڳالهائڻ کان منع ڪيو آهي: راڻا ثناءُالله

شيئر ڪريو
وزيراعظم مون کي گهرو وزير محسن نقوي جي خلاف ڳالهائڻ کان منع ڪيو آهي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله واضح ڪيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف مون کي گهرو وزير محسن نقوي جي خلاف ڳالهائڻ کان منع ڪيو آهي.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيوته مون وزيراعظم کي ٻڌايو ته مون محسن نقوي جي خلاف ڪابه ذاتي ڳالهه نه ڪئي آهي، منهنجو انهي سان ڪوبه ذاتي جهيڙو نه آهي. 22-20 سالن جو تعلق آهي. هن چيو ته ريفرنڊم ذريعي نوان صوبا نٿا بڻجي سگهن، نوان صوبا آئين جي تحت ئي بڻجي سگهن ٿا.

راڻا ثناءُالله جي اهڙي بيان تي تحريڪ انصاف جي بيرسٽر علي ظفر چيو ته شڪر آهي ته راڻا صاحب اها ڳالهه مڃي ته ريفرنڊم ذريعي نوان صوبا نٿا بڻجي سگهن. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو هو ته هڪ وزير اڄڪلهه روزاني ٽي وي تي اچڻ لاءِ منهنجي  مٿان بيان بازي ڪري رهيو آهي، جنهن ڏينهن مان انهي وزير جي خلاف بيان ڏنو ته اهو منهن لڪائڻ جي قابل نه رهندو.

محسن نقوي جي بيان کان پوءِ راڻا ثناءُالله جو چوڻ هو ته محسن نقوي ڇا وزيراعظم آهي جو انهي جي ذات تي مان 3 سالن کان تبصره ڪري رهيو آهيان؟ مون ڪڏهن به محسن نقوي جي ذات تي تبصرو نه ڪيو آهي نه ڪندس اهو جيڪو ڪجهه آهي منهنجي خيال ۾ بس اهوئي آهي، انهي تي تبصري جي ضرورت نه آهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%88%d8%b2%d9%8a%d8%b1%d8%a7%d8%b9%d8%b8%d9%85-%d9%85%d9%88%d9%86-%da%a9%d9%8a-%da%af%d9%87%d8%b1%d9%88-%d9%88%d8%b2%d9%8a%d8%b1-%d9%85%d8%ad%d8%b3%d9%86-%d9%86%d9%82%d9%88%d9%8a-%d8%ac%d9%8a-%d8%ae/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون