Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
عام

الزام مسئلن جو حل نه آهن، پاڪستان وٽ دهشتگردي جون شاهديون موجود آهن، مصدق ملڪ جو ڀارتي ميڊيا کي جواب

شيئر ڪريو
الزام مسئلن جو حل نه آهن، پاڪستان وٽ دهشتگردي جون شاهديون موجود آهن، مصدق ملڪ جو ڀارتي ميڊيا کي جواب

اسلام آباد: وفاقي وزير مصديق ملڪ چيو آهي ته الزام لڳائڻ سان مسئلن جو حل نٿو نڪري، پاڪستان وٽ دهشتگردي جون شاهديون موجود آهن.

ڀارتي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير موسمياتي تبديلي مصدق ملڪ چيو ته دهشتگردي جو معاملو ضرور بحث هيٺ ايندو، پر انهي حوالي سان ٿيل هر ڳالهه پڪين شاهدين جي بنياد تي ٿيڻ گهرجن. صرف الزام لڳائڻ جي بجاءِ حقيقتون سامهون آڻڻ ضروري آهي.

هن چيو ته دهشتگردي جا اثر سڀني کان وڌيڪ پاڪستان برداشت ڪيا آهن، جڏهن ته سمورو خطو انهي سنگين مسئلي سبب متاثر ٿيو آهي. انهي چيلينج کي منهن ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي  خاتمي لاءِ سمورن ملڪن کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون.

وفاقي وزير چيو ته هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ ۽ چڙ ڏياريندڙ بيانن سان مسئلن جو حل نٿو نڪري سگهي، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ڀارت کان دهشتگردي جي حوالي سان پڪيون شاهديون ڏيڻ جو مطالبو ڪري چڪو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان وٽ به دهشتگردي بابت شاهديون موجود آهن جن جي ڏي وٺ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن ذريعي يا ڪنهن مناسب فورم تي ڪري سگهجي ٿو. مصدق ملڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته دهشتگردي جي معاملي تي ڳالهيون حقيقتن ۽ شاهدين جي بنياد تي ٿيڻ گهرجن.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a7%d9%84%d8%b2%d8%a7%d9%85-%d9%85%d8%b3%d8%a6%d9%84%d9%86-%d8%ac%d9%88-%d8%ad%d9%84-%d9%86%d9%87-%d8%a2%d9%87%d9%86%d8%8c-%d9%be%d8%a7%da%aa%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86-%d9%88%d9%bd-%d8%af%d9%87%d8%b4/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون