Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
عام

بهاولپور ۾ خوفناڪ حادثو، 7 ڄڻا فوت، 2 زخمي

شيئر ڪريو
بهاولپور ۾ خوفناڪ حادثو، 7 ڄڻا فوت، 2 زخمي

بهاولپور : بهاولپور جي خيرپور ڊاهه ويجهو خوفناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو 1122 موجب روڊ جي ڪپ تي بيٺل مني ٽرڪ مٿان پٿرن سان ڀريل ٽرڪ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ست ڄڻا فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اختيارين موجب حادثي وقت مني ٽرڪ تي 9 ڄڻا سوار هئا، جن مان ست ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اختيارين ٻڌايو ته لاش ايڪسيويٽر جي مدد سان ڪڍيا ويا. حادثي جو شڪار ٿيل مني ٽرڪ خيرپور ڊاهه کان بهاولپور وڃي رهي هئي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a8%d9%87%d8%a7%d9%88%d9%84%d9%be%d9%88%d8%b1-%db%be-%d8%ae%d9%88%d9%81%d9%86%d8%a7%da%aa-%d8%ad%d8%a7%d8%af%d8%ab%d9%88%d8%8c-7-%da%84%da%bb%d8%a7-%d9%81%d9%88%d8%aa%d8%8c-2-%d8%b2%d8%ae%d9%85/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون