Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
عام

190 ملين پائونڊ ڪيس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا خلاف اپيلون ٻڌڻي جي لاءِ مقرر

شيئر ڪريو
190 ملين پائونڊ ڪيس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا خلاف اپيلون ٻڌڻي جي لاءِ مقرر

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ باني پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) عمران خان ۽ انهي جي گهر واري  بشريٰ بي بي جي سزائن خلاف مرڪزي اپيلون 25 نومبر تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون آهن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس ڪيس جي نئين ٻڌڻي جي ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇيڏ آهي جنهن موجب چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف تي ٻڌل ڊويزن بينچ ايندڙ هفتي اربع تي اپيلن جي ٻڌڻي ڪندو.

ياد رهي ته عدالت اربع 18 نومبر تي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان ۽ انهي جي گهر واري بشريٰ بي بي جي صحت بابت گڏيل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي اڊياله جيل اختيارين کي حڪم ڏنو هو ته بشريٰ بي بي کي جيل ۾ هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ انهن جي سيل جي صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکڻ گهرجي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 7 ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي هئي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/190-%d9%85%d9%84%d9%8a%d9%86-%d9%be%d8%a7%d8%a6%d9%88%d9%86%da%8a-%da%aa%d9%8a%d8%b3-%d8%b9%d9%85%d8%b1%d8%a7%d9%86-%d8%ae%d8%a7%d9%86-%db%bd-%d8%a8%d8%b4%d8%b1%d9%8a%d9%b0-%d8%a8%d9%8a-%d8%a8%d9%8a/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون