Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
عام

پشاور ، پوليس تي حملن ۾ ملوث 3 ڦورو مارجي ويا

شيئر ڪريو
پشاور ، پوليس تي حملن ۾ ملوث 3 ڦورو مارجي ويا

پشاور: پشاور ۾ پوليس تي حملن سميت سنگين ڏوهن ۾ ملوث 3 انتهائي گهربل ڦورو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا.ڪيپيٽل سٽي پوليس آفيسر پشاور ميان سعيد موجب ڏوهاري عنصرن خلاف ”آپريشن اسٽريٽ فائٽ“ شروع ڪيو ويو آهي.ميان سعيد ٻڌايو ته آپريشن پشاور جي علائقن ڦنڊو، فقيرآباد، پهاري پوره ۽ پشتخره ۾ ڪيو ويو.هن چيو ته آپريشن اسٽريٽ فائٽ جي پهرين ڏينهن پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ۽ زخمي ٿيل جوابدار انتهائي گهربل ۽ خطرناڪ موبائل فون ڦريندڙ هئا.ميان سعيد موجب مقابلي دوران هڪ پوليس اهلڪار جي بلٽ پروف جيڪٽ ۽ سرڪاري گاڏي تي گوليون لڳڻ سبب نقصان پهتو.هن ٻڌايو ته جوابدار ڦرلٽ، مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ۽ پوليس تي حملن جي واقعن ۾ ملوث هئا.سي سي پي او پشاور موجب مارجي ويل جوابدارن وٽان هٿيار ۽ ڦريل موبائل فون پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.پوليس موجب مقابلي دوران هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيو، جنهن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.

ٽيگ:
شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%be%d8%b4%d8%a7%d9%88%d8%b1-%d8%8c-%d9%be%d9%88%d9%84%d9%8a%d8%b3-%d8%aa%d9%8a-%d8%ad%d9%85%d9%84%d9%86-%db%be-%d9%85%d9%84%d9%88%d8%ab-3-%da%a6%d9%88%d8%b1%d9%88-%d9%85%d8%a7%d8%b1%d8%ac%d9%8a/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون