ايف بي آر کي 1010 گاڏين جي خريداري روڪڻ جي هدايت

اسلام آباد: سينيٽ جي فنانس بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ايف بي آر کي 1010 گاڏين جي خريداري روڪڻ جي هدايت ڪئي آهي،سينيٽ جي فنانس ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايف بي آر پاران 1010 گاڏين جي خريداري جو نوٽيس ورتو ويو،ڪميٽي ميمبرن اربين رپين جي 1010 گاڏيون خريد ڪرڻ جي فيصلي تي ايف بي آر عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو،ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ايف بي آر کي گاڏين جي خريداري روڪڻ جي هدايت ڪئي،ڪميٽي جي چيئرمين سليم مانڊوي والا سوال ڪيو آهي ته ايف بي آر 1000 کان وڌيڪ گاڏيون ڇو خريد ڪري رهيو آهي؟،ناڻي واري وزارت جي عملدارن چيو ته اهي گاڏيون فيلڊ آفيسرن لاءِ خريد ڪيون پيون وڃن،سليم مانڊوي والا پڇيو ته ڇا اڳ ۾ فيلڊ آفيسر ٽيڪس گڏ ڪرڻ لاءِ سائيڪلن تي ويندا هئا؟، ڪميٽي ميمبر سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته ايف بي آر مخصوص ڪمپنين کان گاڏيون خريد ڪري رهيو آهي، گهٽ مينيٽننس واريون گاڏيون خريد ڪيون پيون وڃن ۽ رشوت وارا معاهدا ڪيا پيا وڃن، ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو اسڪينڊل ٿي سگهي ٿو؟،فيصل واوڊا جو چوڻ آهي ته هي هڪ وڏو اسڪينڊل آهي، ڪرپشن جي شروعات ٿي چڪي آهي، ڇا گاڏيون ايف بي آر جي ٽيڪس شارٽ فال کي پورو ڪرڻ لاءِ خريد ڪيون پيون وڃن؟ هن چيو ته خريداري کي هاڻي لاءِ روڪيو وڃي ۽ پوءِ مقابلي ذريعي خريداري جي ڳالهه ڪئي وڃي، جيڪڏهن هن خريداري کي نه روڪيو ويو ته هڪ وڏو ڪرپشن اسڪينڊل ٿيندو، اسين ايف بي آر جي آمدني جي گھٽتائي کي پورو ڪرڻ ۽ پوءِ گاڏيون خريد ڪرڻ ۾ مدد ڪنداسين،ايف بي آر عملدارن چيو ته اسان انهن 1010 گاڏين جي خريداري جو حڪم ڏنو آهي،فيصل واوڊا جو چوڻ آهي ته اهو افسوسناڪ آهي ته خريداري جو آرڊر ايتري تڪڙ ۾ ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔