Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
عام

ڀارت ۾ ڀاڳ ۽ سُٺي صحت لاءِ پاڻ کي ڳَئُن کان لتڙائڻ جي انوکي رسم! وڊيوز وائرل، خلق حيران

شيئر ڪريو
ڀارت ۾ ڀاڳ ۽ سُٺي صحت لاءِ پاڻ کي ڳَئُن کان لتڙائڻ جي انوکي رسم! وڊيوز وائرل، خلق حيران

ممبئي: ڀارت ۾ خوشحالي ۽ سٺي صحت لاءِ ڳوٺاڻن جي انوکي رسم، ماڻهن جون حيرت ۾ وجهندڙ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.

ڀارت جي رياست مڌيا پرديش جي دسائي ڳوٺ ۾ خوشحالي ۽ سٺي صحت حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺاڻن جي هڪ انوکي رسم سوشل ميڊيا واهپيدارن کي حيران ڪري ڇڏيو.

ڳئون گوهيڙي ڏڻ جي موقعي تي ڪيترائي ماڻهو زمين تي پيٽ ڀر ليٽي پيا، جڏهن ته سينگاريل ڳئون ۽ ڏاند انهن جي مٿانان گذرندا رهيا.

مقامي عقيدي موجب، هن رسم ۾ حصو وٺڻ سان خوشحالي، سٺي صحت ۽ زندگيءَ ۾ برڪت حاصل ٿيندي آهي.

ڏڻ دوران جانورن کي رنگ برنگي سينگار سان سينگاريو ويو، جڏهن ته رسم ۾ حصو وٺندڙ ماڻهو قطارن ۾ زمين تي ليٽي جانورن جي پنهنجي مٿان گذرڻ جو انتظار ڪندا رهيا.

هن انوکي رسم جي وڊيو سوشل ميڊيا تي سامهون اچڻ کانپوءِ واهپيدارن حيرت جو اظهار ڪيو.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%da%80%d8%a7%d8%b1%d8%aa-%db%be-%da%80%d8%a7%da%b3-%db%bd-%d8%b3%d9%8f%d9%ba%d9%8a-%d8%b5%d8%ad%d8%aa-%d9%84%d8%a7%d8%a1%d9%90-%d9%be%d8%a7%da%bb-%da%a9%d9%8a-%da%b3%d9%8e%d8%a6%d9%8f%d9%86-%da%a9/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون