Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
عام

پنجاب جي وزيراعليٰ پنهنجي ڇت پنهنجو گهر اسڪيم لاءِ نيون درخواستون طلب ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

شيئر ڪريو
پنجاب جي وزيراعليٰ پنهنجي ڇت پنهنجو گهر اسڪيم لاءِ نيون درخواستون طلب ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

لاهور: پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنهنجي ڇت پنهنجو گهر اسڪيم لاءِ نيون درخواستوب طلب ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

لاهور ۾ مريم نواز جي صدارت هيٺ پنهنجي ڇت،  پنهنجو گهر پروجيڪٽ بابت اهم اجلاس ٿيو جنهن دوران  پنجاب جي وزيراعليٰ پنهنجي ڇت پنهنجي گهر جي لا نيون درخواستون طلب ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

بريفنگ ۾ وزيراعليٰ کي ٻڌايو ويو ته پنهنجي ڇت، پنهنجو گهر پورٽل تي 17 لک کان وڌيڪ ماڻهو رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، اسڪيم جي تحت هڪ لک 28 هزار 718 گهر مڪمل ڪيا ويا آهن.

بريفنگ موجب هڪ لک 71 هزار 597 ماڻهن کي پنهنجي ڇت، پنهنجي گهر جي تحت قرض جي ٻئي قسط به ملي وئي آهي جڏهن ته پنهنجي ڇت، پنهنجو گهر اسڪيم جي تحت 62 هزار 600 گهر تيزي سان تڪميل طرف گامزن آهن.

اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 22.29 ارب روپين جي قرض جون قسطون وصول ٿي ويون آهن، درخواست ڏيندڙن کي هڪ ارب 21 ڪروڙ 60 لک روپين جو قرض ملي ويو آهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%be%d9%86%d8%ac%d8%a7%d8%a8-%d8%ac%d9%8a-%d9%88%d8%b2%d9%8a%d8%b1%d8%a7%d8%b9%d9%84%d9%8a%d9%b0-%d9%be%d9%86%d9%87%d9%86%d8%ac%d9%8a-%da%87%d8%aa-%d9%be%d9%86%d9%87%d9%86%d8%ac%d9%88-%da%af%d9%87/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون