پاڪستان وزيراعظم سان سعودي دفاع واري وزير ۽ ترڪ پرڏيهي وزير جي ملاقات، پائيدار امن لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سان سعودي دفاع واري وزير شهزادي خالد بن سلمان ۽ ترڪ پرڏيهي وزير حاقان فيدان ملاقات ڪئي جنهن ۾ قومي سلامتي، خودمختاري ۽ پائيدار امن استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو ويو.
انهي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي خودمختاري، علاقائي سالميت ۽ سلامتي جي لاءِ ڀرپور حمايت جاري رکندو ملاقات ۾ مڪه دفاعي اتحاد جي تحت دفاعي تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.
ملاقات ۾ سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان ۽ چيف آف جنرل اسٽاف کان علاوه ترڪ وزير دفاع ۽ چيف آف جنرل اسٽاف به شامل هئا. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل عاصم منير، دفاع وارو وزير خواجه آصف ۽ قومي سلامتي جو صلاحڪار به ملاقات ۾ موجود شامل رهيا.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%88%d8%b2%d9%8a%d8%b1%d8%a7%d8%b9%d8%b8%d9%85-%d8%b3%d8%a7%d9%86-%d8%b3%d8%b9%d9%88%d8%af%d9%8a-%d8%af%d9%81%d8%a7%d8%b9-%d9%88%d8%a7%d8%b1%d9%8a-%d9%88%d8%b2%d9%8a%d8%b1-%db%bd-%d8%aa%d8%b1%da%aa/






