Skip to content
Sunday, 29 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
وزيراعظم سان سعودي دفاع واري وزير ۽ ترڪ پرڏيهي وزير جي ملاقات، پائيدار امن لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاقوچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ٻيهر وڌڻ سان ملڪي معيشت متاثر ٿيڻ جو امڪان، آئوٽ لڪ رپورٽ جاريصدر آصف علي زرداري جي گهرو وزير سان ملاقات، ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيوندنيا ۾ هر ڪلاڪ 5 عورتون پنهنجن ويجهن مائٽن هٿان قتلمريضن جو طبي رڪارڊ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر تي محفوظ نه ڪرڻ چئلينجٻار اهي ئي ٻار، ماڻهو جا هجن يا هاٿي جا، ننڍڙي هاٿي جي کيچل واري وڻندڙ ۽ کِل ڏياريندڙ وڊيو وائرل
پاڪستان

صدر آصف علي زرداري جي گهرو وزير سان ملاقات، ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون

شيئر ڪريو
صدر آصف علي زرداري جي گهرو وزير سان ملاقات، ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون

لاهور: صدر آصف علي زرداري ۽ گهرو وزير محسن نقوي جي وچ ۾ لاهور ۾ اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر آصف علي زرداري وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي رهائشگاهه پهتو. صدر آصف علي زرداري ۽ گهرو وزير محسن نقوي جي وچ ۾ ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ امن امان جي حوالي سان ڳالهيون به ڪيون ويون. پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ محمد خان به اهم ملاقات ۾ شريڪ آهن.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ  جي گڏيل سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي پئي وڃي. ٽن اهم حڪومتي شخصيتن جي گڏجاڻي ۾ ملڪ جي اهم سياسي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b5%d8%af%d8%b1-%d8%a2%d8%b5%d9%81-%d8%b9%d9%84%d9%8a-%d8%b2%d8%b1%d8%af%d8%a7%d8%b1%d9%8a-%d8%ac%d9%8a-%da%af%d9%87%d8%b1%d9%88-%d9%88%d8%b2%d9%8a%d8%b1-%d8%b3%d8%a7%d9%86-%d9%85%d9%84%d8%a7%d9%82/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

235 خبرون