پاڪستان پشاور: تورغر ۾ مسافر گاڏي حادثي جو شڪار، 8 ڄڻا فوت، ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي

پشاور: ضلعي تورغر ۾ مسافر ڊاٽسن گاڏي سيري گيگاني ڪنڊو جي هنڌ تي بريڪ فيل ٿيڻ سبب حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 8 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
تفصيل موجب بريڪ فيل ٿيڻ سبب گاڏي روڊ کان 3 موڙ هيٺ ڪرڻ جي نتيجي ۾ حادثي جو شڪار ٿي وئي. اهڙي اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 تورغي جي ايمبولينس ۽ ميڊيڪل ٽيم فوري طور تي حادثي واري هنڌ پهچي وئي.
ريسڪيو 1122 موجب حادثي ۾ 7 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن جن ۾ 3 مرد، 3 عورتون ۽ هڪ ٻار شامل آهي ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۾ جي يو آءِ جو مقامي اڳواڻ مولانا سميع الله زرين به شامل آهي. زخمين کي بي ايڇ يو منتقل ڪيو ويو جتي انهن کي شروعاتي طبي امداد ملڻ کان پوءِ ريسڪيو ايمبولينسز جي ذريعي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال بٽگرام منتقل ڪيو ويو. آپريشن ۾ 3 ايمبولينس ۽ 10 ريسڪيو ٽيمن حصو ورتو.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%be%d8%b4%d8%a7%d9%88%d8%b1-%d8%aa%d9%88%d8%b1%d8%ba%d8%b1-%db%be-%d9%85%d8%b3%d8%a7%d9%81%d8%b1-%da%af%d8%a7%da%8f%d9%8a-%d8%ad%d8%a7%d8%af%d8%ab%d9%8a-%d8%ac%d9%88-%d8%b4%da%aa%d8%a7%d8%b1%d8%8c/






