ڪاروبار وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ٻيهر وڌڻ سان ملڪي معيشت متاثر ٿيڻ جو امڪان، آئوٽ لڪ رپورٽ جاري

اسلام آباد: وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ ۽ موسمياتي تبديليون ملڪي معيشت جي لاءِ خطرو بڻجي ويون. ناڻي واري وزارت جي ماهوار اڪنامڪ اپ ڊيٽ آئوٽ لڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ٻيهر وڌڻ سان ملڪي معيشت متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب موسمياتي تبديليون زرعي شعبي کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون، جڏهن ته عالمي مالياتي حالتون سخت ٿيڻ سان پاڪستان جي لاءِ مال3 وسيلا حاصل ڪرڻ به مشڪل ٿي سگهي ٿو.
ناڻي واري وزارت نومبر 2026 ۾ مهانگائي جي شرح 9 کان 10 سيڪڙو رهڻ جو اندازو لڳايو آهي پر پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان مهانگائي وڌيڪ هجڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 2027 جي رهيل عرصي ۾ معاشي صورتحال بهتر ٿيڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ موجب ناڻي جي مٽاسٽا ۽ برآمدات ۾ بهتري سان ٻاهرين ادائيگين جي صورتحال مستحڪم ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته صنعتي ۽ زرعي شعبن ۾ به بهتري جي اميد آهي. ڪمند جي ڪريشنگ سيزن سان صنعتي سرگرمين کي هٿي ملندي. نجي شعبي کي قرضن جي افراهمي ۾ بهتري سان سرمائيڪاري وڌڻ جو امڪان آهي.
ناڻي واري وزارت موجب برآمدي شعبي کي اضافي مالي سهولتون ڏيڻ ۽ ننڍي، وچولي ڪاروبار جي لاءِ سهولت مرڪز قائم ڪرڻ جو منصوبو به غور هيٺ آهي. رپورٽ ۾ ٽيڪس وصولين جي نظام ۾ بهتري ۽ توانائي جي بچت کي پائيدار معاشي ترقي جي لاءِ اهم قرار ڏنو ويو آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%88%da%86-%d8%a7%d9%88%da%80%d8%b1-%db%be-%da%87%da%aa%d8%aa%d8%a7%da%bb-%d9%bb%d9%8a%d9%87%d8%b1-%d9%88%da%8c%da%bb-%d8%b3%d8%a7%d9%86-%d9%85%d9%84%da%aa%d9%8a-%d9%85%d8%b9%d9%8a%d8%b4%d8%aa/






