Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
ڪاروبار

کنڊ سرڪاري ڪنٽرول کان آزاد، وفاقي ڪابينه ڊي ريگوليٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

شيئر ڪريو
کنڊ سرڪاري ڪنٽرول کان آزاد، وفاقي ڪابينه ڊي ريگوليٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي ڪابينه سنڌ حڪومت جا خدشا ختم ٿيڻ کان پوءِ آءِ ايم ايف جي وڏي شرط پوري ڪندي شوگر سيڪٽر جي ڊي ريگوليشن لاءِ قومي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

اها پاليسي آءِ ايم ايف جو اسٽرڪچرل بينچ مارڪ آحي، انهي پاليسي جي تحت کنڊ جي قيمتن تي ڪنٽرول ختم ۽ نيون شوگرملون لڳائڻ تي پابندي ختم ڪرڻ سميت کنڊ جي درآمد ۽ برآمد ۾ حڪومتي ڪنٽرول ختم ٿي ويندو جڏهن ته شوگر ايڪسپورٽ سبڊيز جو به خاتمو ڪيو ويو آهي.

ڪمند جي قيمت طئي ڪرڻ جو اختيار مارڪيٽن تي ڇڏيو ويو آهي، وفاقي ڪابينه سمورن صوبن جي اتفاق راءِ کان پوءِ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي سمري تي شوگر سيڪٽر جي ڊي ريگوليشن جي سرڪوليشن  جي ذريعي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي پاليسي جي منظوري سان آبادگارن کي فائدو ٿيندو ۽ ڪاروباري مقابلو وڌندو جنهن سان کنڊ جي قيمت ۾  گهٽتائي جي اميد آهي.

ذريعن موجب سنڌ حڪومت اڳ ڪجهه قدمن تي خدشا ظاهر ڪيا هئا، آءِ ايم ايف سنڌ حڪومت جي راضپي کي بينچ مارڪ کي پورو ڪرڻ لاءِ ضروري قرار ڏنو. جنهن کان پوءِ سنڌ حڪومت 21 نومبر 2026 جي خط ۾ پاليسي مسودي سان اتفاق ڪري ورتو جنهن کان پوءِ وفاقي ڪابينه کان منظوري ورتي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي انهي مقصد لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي هئي جنهن جي سربراهي وفاقي وزير توانائي ڪئي. ڪميٽي هاري تنظيمن، شوگرملرز ۽ صوبائي حڪومتن سان ڪيتريون ئي مشاورتي ملاقاتون ڪيون. پنجاب خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان پاليسي قدمن جي توثيق اڳ ئي ڪري ڇڏي هئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته منظور ٿيل پاليسي ۾ درآمد ۽ برآمد لاءِ قابل اڳڪٿي ميڪنزم، برآمدي سبسڊي ختم ڪرڻ، بين الصوبائي کنڊ جي چرپر جي اجازت هوندي. جڏهن ته 26-2027 جي ڪريشنگ سيزن لاءِ عبوري انتظام به منظور ڪيو ويو آهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%da%a9%d9%86%da%8a-%d8%b3%d8%b1%da%aa%d8%a7%d8%b1%d9%8a-%da%aa%d9%86%d9%bd%d8%b1%d9%88%d9%84-%da%a9%d8%a7%d9%86-%d8%a2%d8%b2%d8%a7%d8%af%d8%8c-%d9%88%d9%81%d8%a7%d9%82%d9%8a-%da%aa%d8%a7%d8%a8%d9%8a/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون